درگاهه نظر شاهه جيلاني ۽ مسجد

درگاهه نظر شاهه جيلاني ۽ مسجد

درگاهه نظر شاهه جيلاني ۽ مسجد

درگاهه نظر شاهه جيلاني ۽ مسجد (ماڳ): هي درگاهه تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڏيپارجا ۾، 67º 56' 32″ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 26º 47' 29.0″ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. چيو وڃي ٿو ته اها درگاهه ٽي سئو سال پراڻي آهي، جيڪا موليي رکيي نالي مريد ٺهرائي هئي. روايتن موجب هي صوفي مسلڪ جو هو۽ همه اوست جو نعرو بلند ڪيو هئائين. بزرگ نانگي شاهه ۽ حيدر شاهه جون درگاهون به هن تعلقي ۾ آهن، جيڪي سندس همعصر هئا. مقبرو پڪين سرن ۽ چن سان اوساريل آهي. مقبري جي ڊيگهه 24.9 فوٽ، ويڪر 27.5 فوٽ ۽ اوچائي 130 فوٽ آهي. مهاڙي اوڀر ۾ اٿس. دروازو ڪاٺ جو وچ تي نوڪائين ونگ ۾ ڏنل آهي. دروازي جي مٿان هوا لاءِ جاءِ ڇڏيل آهي. دروازي جي مٿان وري چورس قاب ٺهيل آهي. گنبذ ڇت تي ٺهيل آهي. اتر ڏکڻ ۾ 2.6 فوٽن جون ٻه دريون هوا لاءِ ڇڏيل آهن. اندر ٻه ٿلها ٺهيل آهن، جن مان اتر واري ٿلهي تي چار قبرون، جڏهن ته ڏکڻ واري ٿلهي تي ٽي قبرون آهن. پاسن کان به مستطيل چورسا ٺهيل آهن، جيڪي قابن وسيلي ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. هڪ سرائين ڪاشيءَ سان ٽنهي قابن جا پاسا سينگاريل آهن. وچون قاب وڏو آهي. ٻيڙ ٻني تي سيمينٽ جون ڄاريون سِڌ ۾ لڳل آهن. وچين يعني دروازي جي مٿان ٻيڙ ٻني وٽ ٻه ميناريون لڳل آهن، ائين ڪنڊن وٽ به ميناريون ٺهيل آهن ۽ وچ وچ تي به ميناريون لڳل آهن، پر هاڻي اهي ڊهي ويون آهن. ائين پاسن کان به ٽي ٽي مستطيل پانيل جڙيل آهن، جيڪي ٻن ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. وچون قاب پاسي وارن قابن کان ننڍو آهي، جنهن ۾ هوا لاءِ دريون ڏنل آهن، ائين ڇت تي وڏو شاهي گول گنبذ، هيٺ حجري کي اٺڪنڊو ڪري جوڙ ڪنڊون ڏئي ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ويٺوڙي نموني جو آهي. ان جي مٿان سنڌي اڏاوتي نشان ڪوڻيءَ جو گل ۽ ان جي مٿان خود ڪوڻي يا ڪنول جي گل جهڙي اڏاوت ڏنل آهي. مقبري جا پاسا ڪلر سبب کاڄي ويا آهن، جن جي تازي لنب ڪيل ٿي ڏسجي. هونئن ڏسڻ ۾ هي مقبرو سٺي حالت ۾ آهي. درگاهه جي ڀرسان قديم مسجد آهي، جنهن جي مهاڙي پانيلن ۽ قابن سان ٺهيل آهي. اڳيان چار ميناريون ٺهيل آهن، جن تي ننڍڙا گنبذ ۽ انهن جي مٿان ڪاشيءَ جون ننڍيون نيلون ڏنل آهن. گنبذ شاهي نموني جو گول آهي، جيڪو انهيءَ ننڍڙيءَ مسجد جي جسامت جي حساب سان وڏو آهي، جيڪو ڳچ تي بيٺل آهي. ڳچ جي ٻيڙ ٻني تي برجيون ۽ هيٺ ڇت تائين سينگار ٿيل آهي. مسجد به مقبري وانگر قديم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو